ڀائي ولي رام جي درٻار

ڀائي ولي رام جي درٻار: هيءَ درٻار ڳوٺ ڌڱاڻي مهيسر، تعلقي ميرو خان، ضلعي قمبر - شهدادڪوٽ ۾ هوندي هئي. ڀائي ولي رام جي سرپرستيءَ ۾ هتي چنڊ جي پهرين تاريخ تي درياهه شاهه جو ميلو لڳندو هو، جنهن ۾ پري پري کان هندو اچي شريڪ ٿيندا هئا. 1917ع ۾ ڀائي ولي رام جي ديهانت بعد واڌو مل درٻار هلائيندو هو. سکر واري هندو مسلم فساد کانپوءِ هن درٻار جي رونق گهٽجي ويئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو